1
چوڦير گهري خاموشي پکڙجي وئي آھي
۽ آسمان تي اسان جي بادلن جو
ميڙو مچي ويو آھي
جسم جي گونگي لونءَ لونءَ مان الهام
آھستي آھستي وهي نڪتو آھي
بس !
گهڻو ٿي چڪو
اچ !
پاڻ برسات وسايون
پنهنجي ملامت ۽ ندامت سان
بستري جي چادرن کي آلو ڪيون .
2
برسات لاءِ منهنجي شديد ڇِڪ
توکي خوفزدھ ڪري ڇڏيندي آھي
تون جيڪو ازل کان
ماڪ جي قطرن لاءِ اُڃايل آھين
چوري چوري
سج اڀرندي اڌ ٽِڙيل ڪَلين
جي چُسڪي وٺندو آھين
۽ ناريل جي پن سان
پنهنجا چپ صاف ڪندو آھين
جڏھن ته ٻيو پن ڪنڊن کي روڪيندو آھي
حد کان وڌيڪ خود اعتماد
هڪ ڇَٽي جي پناھ وٺي
پنهنجو پاڻ کي محبت کان بچائيندو آھين .
3
آئون پاڻ پنهنجي پيرن هيٺان
لتاڙجي وڃان
ان کان پهريان
هڪ جهنگلي گل
روح جي خالي پڻي سان
مونکي ويڙھي وٺي ٿو
____________________
فاتحه مرشد / عرفان لُنڊ
With the thanks of : Nazir Laghari
Good work 👍
ReplyDeleteبھترين چونڊ
ReplyDelete