Translate

Tuesday, 7 December 2021

نظم تصور ڪريو جان لينن

تصور ڪريو 
جان لينن 
سنڌيڪار حامد گبول 
تصور ڪريو ته 
هتي ڪوئي جنت ناهي
 تمام آسان آھي جيڪڏھن توهان ڪوشش ڪريو ته
 نه اسانجي قدمن ھيٺيان ڪو جهنم هجي
 ۽ مٿي تي فقط آ

تصور ڪريو ته
 اسين سڀ ماڻھو
 بس اڄ ھن گهڙي موجود آھيون
 زنده آھيون 
 تصور ڪريو 
جتي ڪائي سرحدون نه هجن 
ايئن ڪرڻ ڪوئي مشڪل به ناهي
 ته جتي قتل ڪرڻ يا مارڻ لاء
 ڪوئي سبب ئي نه هجي ۽ 
ڪوئي مذھب به نه هجي
 تصور ڪريو ته 
جتي سڀ ماڻھو امن سان زندگي گذارن
 تون شايد چوين ته مان فقط هڪ خواب اُڻڻ وارو هان 
پر فقط مان ئي اڪيلو ته ناهيان 
مونکي اميد آھي 
هڪ ڏينهن تون به مونسان گڏ هوندي
 ۽ ھي دنيا هڪ ٿي ويندي 
 تصور ڪريو ته 
جتي ڪجھ به 
ڪنهن جي به
 ملڪيت نه هجي
 جيڪڏھن توهان ايئن ڪري سگهو ٿا
 ته جتي لالچ يا بک سان ڪنهنکي ڪو غرض ئي نه هجي 
سڀ هڪ ڪٽنب بڻجي رهن
 تصور ڪريو ته
 سڀ ماڻھو هن دنيا ۾ ھڪ ٿي وينداسين 
تون شايد چوين ته
 مان فقط هڪ خواب اُڻڻ وارو هان
 پر فقط مان ئي اڪيلو ته ناهيان 
مونکي اميد آھي هڪ ڏينهن تون به مونسان گڏ هوندي ۽ 
ھي دنيا هڪ ٿي ويندي

1 comment:

  1. بھترين ۽ ھر انسان جي دل جي ڳالھ چيل آهي

    ReplyDelete

نظم

مرام المصري شامي شاعره جا ڪجھ نظم

 مرام المصري (شامي شاعره) ترجمو عرفان لُنڊ      سارا بنت ثنا           (عمر 9 سال ) منهنجو بابا  منهنجي ماءُ  تي تشدد ڇو ڪندو آھي  امان اهو ...