Translate

Thursday, 9 December 2021

مرام المصري شامي شاعره جا ڪجھ نظم

 مرام المصري (شامي شاعره)


ترجمو عرفان لُنڊ


     سارا بنت ثنا 

         (عمر 9 سال )


منهنجو بابا  منهنجي ماءُ 

تي تشدد ڇو ڪندو آھي 

امان اهو نٿي ڄاڻي 

ته بابا جي قميص  

سٺي نموني  ڪيئن استري ڪئي وڃي 

آئون 

جڏھن وڏي ٿي وينديس 

ته سڀني قميصن کي 

چڱي طرح استري ڪنديس پئي .


2-   فعديٰ ابن سونيا 

    (عمر 7 سال ) 


امان ! 

اوهان کي  خبر آھي !

جڏھن رات جو 

اوهان کي ڪُٽڻ ۽ مارڻ لاءِ 

ڀوت اچي وڃي 

ته اوهان سمهڻ لاءِ 

منهنجي بستري تي اچي سگهو ٿيون 

مون پنهنجو سمورو سُوپ پي ڇڏيو آھي 

۽ سمورا چقندر  کائي ڇڏيا آھن 

ته جيئن آئون جلدي جلدي وڏو ٿي وڃان 

۽ اوهان جي حفاظت ڪري سگهان .


3-    سلميٰ ابن ليلا 

(عمر 12 سال )


امان ! 

اوهان ڊاڪٽر وٽ ڇو نٿيون وڃون 

۽ ان کان پنهنجي مسڪراهٽ واپس ڇو نٿيون وٺي اچو !

امان 

اوهان جي محبت سان ڀرپور 

خوبصورت مسڪراهٽ .


4-    سمير بن مگدا 


(عمر 13 سال ) 


مون کي پنهنجي ماءُ جي صورت ياد ناهي 

مان صفا ننڍو هوس 

جڏھن منهنجو پيءُ 

مون کي کڻي 

ڏور ڏاڏي جي گهر ڇڏي ويو هو 

صفا پري 

منهنجي ڏاڏي ان کي پسند نه ڪندي هئي 

جنهن مون کي هن دنيا ۾ آندو هو 

هو هر نماز کان پوءِ خدا کان دعا گهرندي هئي 

ته هوءَ  منهنجي ماءُ کي سزا ڏئي 

هو چوندي هئي ته 

منهنجي ماءُ منجھ شيطان جو خون آھي 

هو چوندي هئي ته 

تنهنجي ماءُ توکي ڇڏي ڏنو ته جيئن 

ٻليون توکي کائي سگهن 

ارڙھن مهينن جي عمر 

پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ تمام گهٽ ٿيندي آھي .


5-     ڪليمنٽ ۽ رومائن 

(فلورنس ”اٽلي “ جا ٻار )

   (عمر 12 ۽ 9 سال ) 

 امان وساري نه ڇڏجان 

مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي 

پنهنجي سامان سان ٻڌي ڇڏجانءِ 

اسان اوهان کي تنگ نه ڪنداسين 

هن دفعي اسان جو روَيو 

تمام سٺو هوندو .


         مرام المصري (شامي شاعره)

    سنڌيڪار : عرفان لُنڊ 

    

With the thanks of: Nazir Laghari

1 comment:

نظم

مرام المصري شامي شاعره جا ڪجھ نظم

 مرام المصري (شامي شاعره) ترجمو عرفان لُنڊ      سارا بنت ثنا           (عمر 9 سال ) منهنجو بابا  منهنجي ماءُ  تي تشدد ڇو ڪندو آھي  امان اهو ...