Translate

Monday, 6 December 2021

فرانز ڪافڪا

 مختصر ڪهاڻي


جڏهن مان ڪنهن خوبصورت ڇوڪري سان ملندو آهيان ۽ ان کي درخواست ڪندو آهيان ته مهرباني ڪر جو مونسان گڏ هل ۽ هوءَ ڪو لفظ چوڻ بنا، جڏهن اڳتي هلي ويندي آهي ته اصل ۾ هوءَ اهو چئي رهي هوندي آهي:

”تون ڪو مشهور ڊيوڪ ته ناهين..... نه ريڊ انڊين ماڻهن جيان مضبوط جسم، ڊگهو قد، خماريل اکين وارو..... ۽ نه ئي سرسبز ميدانن ۽ انهن مان وهندڙ دريائن جي هوا جي عادي مضبوط ڊگهي قد وارو آمريڪي شخص...... نه ئي تون ڪو سياح آهين، جنهن دنيا جا مختلف ملڪ گهميا هجن، ته پوءِ ڇو ٿو دعا گهرين ته مون جهڙي خوبصورت ڇوڪري سان گڏ هلي ۽ گهمي......!“

”پر تون به وساري رهي آهين، ته تنهنجي گهٽي جي موڙ تي ڪا به گاڏي تنهنجو انتظار ڪو نه ڪري رهي آهي....... نه ئي مون ڪڏهن اهو ڏٺو آهي، ڪي امير ماڻهو خوبصورت گلدستا کڻي تنهنجي در جا چڪر لڳائي تنهنجي اچڻ ۽ وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هجن..... نه ڪوئي شهزادو خوبصورت لان ۾ ويهي توسان ڪچهري جو خواهشمند هجي...... تو جيڪو پراڻي اسڪرٽ سان ريشمي لباس پاتو آهي، سو گذريل سرءُ جي موسم ۾ اسان سڀني کي ڏاڍو وڻيو هو ۽ تنهنجي مسڪراهٽ به هاڻي پنهنجا جلوا وڃائي ويٺي آهي.....!“ 

”ها...... اسان ٻئي پنهنجي طور تي درست آهيون ۽ پاڻ کي وڌيڪ وائکو ڪرڻ کان ڇا اهو بهتر نه آهي، ته اسين جدا رستن سان پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هلي پئون.....!“


__________

فرانز ڪافڪا

FRANZ, KAFKA (1883-1924)

____

سنڌيڪار : عبدالخالق سنديلو

1 comment:

نظم

مرام المصري شامي شاعره جا ڪجھ نظم

 مرام المصري (شامي شاعره) ترجمو عرفان لُنڊ      سارا بنت ثنا           (عمر 9 سال ) منهنجو بابا  منهنجي ماءُ  تي تشدد ڇو ڪندو آھي  امان اهو ...