جان لينن
سنڌيڪار حامد گبول
تصور ڪريو ته
هتي ڪوئي جنت ناهي
تمام آسان آھي جيڪڏھن توهان ڪوشش ڪريو
ته
نه اسانجي قدمن ھيٺيان ڪو جهنم هجي
۽ مٿي تي فقط آ
تصور ڪريو
ته
اسين سڀ ماڻھو
بس اڄ ھن گهڙي موجود آھيون
زنده آھيون
تصور ڪريو
جتي ڪائي سرحدون نه هجن
ايئن ڪرڻ ڪوئي مشڪل به ناهي
ته جتي قتل ڪرڻ يا
مارڻ لاء
ڪوئي سبب ئي نه هجي
۽
ڪوئي مذھب به نه هجي
تصور ڪريو
ته
جتي سڀ ماڻھو
امن سان زندگي گذارن
تون شايد چوين
ته مان فقط هڪ خواب اُڻڻ وارو هان
پر فقط مان ئي اڪيلو ته ناهيان
مونکي اميد آھي
هڪ ڏينهن تون به مونسان گڏ هوندي
۽ ھي دنيا هڪ ٿي ويندي
تصور ڪريو
ته
جتي ڪجھ به
ڪنهن جي به
ملڪيت نه هجي
جيڪڏھن توهان ايئن ڪري سگهو ٿا
ته جتي لالچ يا بک سان
ڪنهنکي ڪو غرض ئي نه هجي
سڀ هڪ ڪٽنب بڻجي رهن
تصور ڪريو ته
سڀ ماڻھو
هن دنيا ۾ ھڪ ٿي وينداسين
تون شايد چوين
ته
مان فقط هڪ خواب اُڻڻ وارو هان
پر فقط مان ئي اڪيلو ته ناهيان
مونکي اميد آھي
هڪ ڏينهن تون به مونسان گڏ هوندي
۽
ھي دنيا هڪ ٿي ويندي
بھترين ۽ ھر انسان جي دل جي ڳالھ چيل آهي
ReplyDelete